چـي گويرا

چـي گويرا

چي گويرا

چـي گويرا (Che Guevara): لاطيني آمريڪا جو مشهور گوريلو اڳواڻ ۽ انقلابي نظريو ڏيندڙ چي گويرا 1928ع ۾ پيدا ٿيو. هي 1960ع واري ڏهاڪي ۾ کاٻي ڌر جي انقلابين جو هيرو بڻيو. هو روزاريو، ارجنٽائن جي هڪ وچولي گهـراڻـي ۾ پـيـدا ٿـيـو. هـن بيـونـس آئــر يونيورسٽيءَ مان 1953ع ۾ ميڊيڪل جي ڊگري حاصل ڪئي. چي گويرا آمريڪا ۾ سـمـاجي اڻ بـرابريءَ کـي خـتـم ڪـرڻ لاءِ انقلاب کي اڪيلو رستو سمجهندو هو. ان خيال هيٺ ئي هي 1954ع ۾ ميڪسيڪو ويو ۽ ڪيوبا جي جلا وطن انقلابين سان وڃي مليو، جن جي قيادت جنرل فيڊل ڪاسترو ڪري رهيو هو. 1950ع واري ڏهاڪي جي آخر ۾ هن ڪيوبا جي ڊڪٽيٽر خلاف فيڊل ڪاسترو سان گڏجي گوريلا جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ جڏهن ڪاسترو اقتدار حاصل ڪيو ته هي ڪيوبا جي صنعتي وزير بڻيو. ٽين دنيا ۾ آمريڪا جي اثر رسوخ جو شديد مخالف چي گويرا، ڪاسترو حڪومت جي ساڄي ڌر وارن ڏانهن لاڙي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن گوريلا جنگ جي موضوع تي ٻه ڪتاب لکيا. هو 1965ع ۾ ڪيوبا مان گم ٿي ويو ۽ ٻئي سال بوليويا ۾ سرڪش اڳواڻ جي حيثيت ۾ ٻيهر سامهون آيو. بوليويا جي فوج کيس گرفتار ڪري، 9 آڪٽوبر 1967ع تي گوليءَ سان اُڏائي، کيس قتل ڪري ڇڏيو. ’چي گويرا جي ڊائري‘ ۾ شايع ٿي چڪي آهي ۽ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز کان وٺي نوجوانن پاران چي گويرا کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي.


لفظ چي گويراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو